اسد ڀٽي

اسد ڀٽي

اسد ڀٽي

اسد ڀٽي: صحافي ۽ اداڪار اسد ولد ننگر خان ڀٽي، 15 اپريل 1960ع تي دستگير ڪالوني تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هوندو هو. اسڪول واري دور ۾ اسڪول ۾ ٿيندڙ اسٽيج پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ موري جي نامور ڊراما نگار، هدايتڪار ۽ استاد محمد ڇتل سُرهيي کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتائين. اسٽيج پروگرامن ۾ اڪثر عورت جو ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سبب گهڻو مقبول ٿيو. هن اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون لکيا. اسد ڀٽي 1985ع کان پاڪستان ٽيليوزن تي ”حالات حاضره“ پروگرام جو پروڊيوسر رهيو. ان عرصي ۾ پي ٽي وي پاران جرمني ۽ ملائيشيا مان ميڊيا بابت خاص تربيت حاصل ڪئي. نوڪريءَ دوران يورپ ۽ وچ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. کيس ڪرنٽ افيئر جا ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي پي ٽي وي ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترائي اوارڊ مليا. هن 2019 ۾ پي ٽي وي تان هيڊ آف ڪرنٽ افيئر جي عهدي تان رٽائر ڪيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ ذاتي پراڊڪشن هائوس قائم ڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سهڪار سان ملڪي ۽ غير ملڪي يونيورسٽين ۽ ادارن بابت ڊاڪيومنٽريز تيار ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه روٽري انٽرنيشنل ڪلب ۽ لائينز ڪلب ڪراچيءَ جو سرگرم عهديدار پڻ آهي.


لفظ اسد ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.04.15  عيسوي

صحافي ۽ اداڪار اسد ولد ننگر ڀٽي، 15 اپريل 1960ع تي دستگير ڪالوني تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين چشتي
شيخ نظر محمد بسمل
اخترعلي
ضمير نيازي
رڪ سنڌي
نياز پنهور
حيدري نذير حسين
زيب النساءَ حميدالله
علي قاضي
الهه بچايو جمالي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون